خير محمد سوز

خير محمد سوز

خير محمد سوز

خير محمد سوز: مشهور شاعر خير محمد سوز ولد خدا بخش ٻرڙو، 20 فيبروري 1931ع تي تعلقي قنبر جي ڳوٺ ڇڄڙا ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ورتائين. 1947ع ۾ شهدادڪوٽ ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. تنهن کان پوءِ مئٽرڪ، انٽر ۽ بي اي جا امتحان پاس ڪري 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري سنڌيءَ ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين، تعليمي قابليت جي بنياد تي 1963ع ڌاري اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر اسڪولس مقرر ٿيو. مختلف عهدن تي رهندي هاءِ اسڪول رئيس ڀنڀو خان چانڊيي اسڪول مان هيڊماستر جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو. ادبي زندگيءَ جو آغاز 1949ع کان ڪيائين، شاعريءَ ۾ سندس استاد محمد علي جوهر آهي. خير محمد ڪيترائي ڊراما به لکيا آهن. بزم طالب الموليٰ قنبر جو صدر به رهيو آهي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ’عشق جي دنيا‘، ’انجام عشق‘ ۽ ’سعيد سوکڙي‘ (قرآن شريف پڙهڻ جا قاعدا) قابل ذڪر آهن.


لفظ خير محمد سوزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.02.20  عيسوي

مشهور شاعر خير محمد سوز ولد خدا بخش ٻرڙو، 20 فيبروري 1931ع تي تعلقي قنبر جي ڳوٺ ڇڄڙا ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جواد جعفري
آفاق صديقي
امداد سروري
حاجن ’سائل‘ ميمڻ
صاحب ڏنو فاروقي
پنهور مير حاجن مير
ڀٽو محمد يوسف
برڪت بلوچ
اويس ‘قرني’
ابراهيم شاهه صوفي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون